سنڌ جي مڇي

سنڌ جي مڇي

سنڌ جي مڇي

سنڌ جي مڇي (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي نامور عالم، اديب ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لکيل آهي. جيڪو سنڌ جي درياهن ۾ ملندڙ مڇيءَ متعلق تفصيلي ڄاڻ ڏيندڙ آهي. ليکڪ مڇي جي مختلف قسمن جو سنڌي ٻولي ۽ لغات جي روشني ۾ مطالعو ڪري، مڇي جي جنسن، انهن ۾ پيدا ٿيندڙ بيمارين، عادتن، واڌ ويجهه، ٻچن جي سنڀال، قدامت، شڪل ۽ انهن جي شڪار متعلق تفصيلي ڄاڻ ڏني آهي. ڪتاب ۾ مڇيءَ جي مختلف جنسن جون تصويرون پڻ شامل ڪيون ويون آهن. ڊيمي سائيز ڪچي جلد سان 100 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 35 روپيا ڄاڻايل آهي. هي ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد پاران 1993ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو